Complete

”پاڇو... “


ڪم چور۔  ننڊ ۾ ٻڏل اکين کي زبردستي کولڻ جي ڪوشش ڪندي  هن خود ڪلامي واري انداز ۾ ڀڻڪو ڪيو۔

اٿي۔ ڪالوني جو هڪ چڪر ڏي  پوء ڏس تہ ڪئين ٿي ننڊ ڀڄي۔۔۔ پنهنجو پاڻ کي چوندي هو ڪرسي تان اٿيو۔۔  ٻہ قدم هلي هو وري پاڻي پئڻ جي خيال سان واپس مڙيو۔ گیٽ جي ٻاهران  سرن جي ڪوٺڙي ٺھيل هئي۔ اتي هي رکيل سندس ڪرسي جي ڀر۾ ھڪ ننڍڙي ڪاٺ جي اسٽول تي نيري رنگ جو ڪولر۽ اسٺيل جو گلاس رکيل ھئا ۔ هن گلاس کڻي پاڻي ڀريو ۽ هڪ ساهي ۾ اڌ کان وڌيڪ پي ويو ۔ ٿورو جهڪي ننڊاکڙين اکين تي بچيل پاڻي جا ڇنڊا هڻي سڌو ٿي بيٺو۔

”ڪيڏا نہ میرانجهڙا ۽ پراڻا ٿي ويا آهن هي بہ“ ۔هن گلاس ۽ ڪولر کي بلب جي زرد روشني ۾ غور سان ڏسندي چيو۔ ۔ سڀاڻي چوان ٿو صاحب وارن کي ۔۔۔ پر۔۔ پهرين بہ تہ ڪيترا ئي دفعا چيو اٿم  ؟ ۔۔ مصروف رهندا هوندا ۔۔ ڳالھ وسري ويندي هوندن۔ هن پاڻ ئي پنهنجن منفي خيالن جي نفي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔

گلاس واپس ڪولر تي رکندي سندس نظر ڪوٺڙي جي ديوار سان رکيل بندوق تي پئي۔
واه چوڪيدار!  تنهنجو عقل بہ شايد گاھ چرڻ ويو آھي۔ بغیر ھٿيار جي پيو وڃين ! ھن پنهنجي حماقت تي کلندي پيشاني تي هٿ هنيو ۽ بندوق کڻي ڪالوني جي پهري لاء اڳتي وڌيو۔

اهو هن جو روزانو جو معمول هو۔ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو،پنهنجين ئي بيوقوفين تي کلندو ۽ پنهنجو پاڻ کي لعنت ملامت ڪندو هو۔
ٻار هينئر الائي ڇا ڪندا هوندا؟ ڪالوني جي پهرين گلي ۾ داخل ٿي هن هڪ تجربي ڪار چوڪيدار وانگر نظرون ڊوڙايون مگر خود ڪلامي اڃان بہ جاري هئس۔

  اڌ رات جو آخر ڇا ڪندا ٻار؟ ظاہر آھي ننڊ ئي پيا هوندا نہ ! پنهنجي سوال جو جواب پاڻ ڏيندي کلي پيو۔

سچ چوندي آھي ۔ راتين جا اوجاڳا ڪري ڪري دماغ  خراب ٿي ويو آھي منهنجو ۔ پنهنجي گهرواري جي ڪيترا ئي دفعا چيل ڳالھ ياد آيس تہ مرڪي پيو۔

انداهين راتين جي خاموشيءَ ۾ اڪيلي هجڻ جي احساس کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاء ھن اهو مشغلو اختيار ڪيوهو، رات جو  پاڻ کي سجاڳ رکڻ لاء هو خود ڪلامي بہ ڪندو رهندو هو۔
پر اڄ ننڊ الائي جي آئي بہ ھوندي ٻارن کي الائي نہ؟  سوچ واري انداز ۾ هن کاڏي تی ھٿ رکندي ڀڻڪو ڪيو۔۔ پکو بہ خراب ھو۔۔ اڄ گرمي بہ تہ ڪيڏي آھي! هن هڪ لمحي لاء نظر کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۔

مالڪ ! هوا کي بہ اڄ هي بند ٿيڻو هو۔ ۔۔ لهجي ۾ ڪجھ شڪايت ۽ هلڪي تلخي شامل ٿي ويس۔ شايد اولاد سان محبت شيء ئي اهڙي آھي؟
بس ڪجھ ڪلاڪن جي ڳالھ آھي ۔ اڄوڪي رات جيئن تيئن ڪري خير سان گذري ويندي۔ سڀاڻي صاحبن کان پگهار مان ڪجھ پيسا وٺي سڀ کان پهرين پکو ٺھرائيندس وڃي۔۔۔ هن دل ئي دل ۾ پاڻ کي تسلي ڏني۔

ھو چڱي ريت گهٽين جو جائزو وٺندو اڳتي وڌندو رهيو۔

ٽين گليءَ ۾ داخل ٿيندي هن هيٺ مٿي معمول مطابق سراسري نظر ڊوڙائي۔ هڪ لمحي لاء ڄڻ سندس قدم رڪجي ويا۔ گهٽيءَ جي آخري بنگلن مان ڪنهن هڪ بنگلي تي هن کي ھڪ پاڇو نظر آيو۔
عجيب ڳالھ آھي۔ ۔ رات جي هن پهر ڪهڙو صاحب پيو جاڳي؟ هن  حيرانيءَ  منجهان ڀڻڪو ڪيو۔

فاصلو وڌيڪ هو ۽ سندس نظر بہ ڪمزور۔ ڇت تي بہ مڪمل اونداھ ۔  رات جي اونداهيءَ ۾ اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي ويس تہ اهو شخص ڪهڙي نمبر بنگلي جي ڇت تي بيٺل آھي۔  هن پنهنجا قدم ان پاسي وڌائي ڇڏيا۔۔
هڪ ڀيرو وري هن جي نظر ان بنگلي جي ڇت تي پئي۔۔

پاڇي ۾ هڪ پل لاء هلڪي حرڪت ٿي ۽ وري  ساڪن ٿي ويو۔ چوڪيدارکي ان جي اڳيان بيٺل ڪنهن ٻئي جي ننڍڙي جهلڪ نظر آئي ۔
هن پنهنجي قدمن جي رفتار پهرين کان تيز ڪري ڇڏي۔
 
هن جي ويجهو پهچندي ئي پاڇا ڇرڪ ڀري پوئتي ٿيا۔  ۔ شايد کين خطري جو احساس ٿي ويو هو۔

ڇت تي بيٺل پاڇا احتياط سان ٻئي طرف وڌي ويا۔ جهڙوڪ  کين ڊپ هجي تہ ڊوڙڻ سان قدمن جي آواز تي ان گهر جا ڀاتي سجاڳ نہ ٿي پون۔
چور! پر مون کان بچي ڪيڏاهن ويندا ۔۔۔  لھجی ۾ سختي هئس۔  هو بہ ان گلي طرف ڊوڙيو جنهن پاسي پاڇن کي ويندي ڏٺائين ۔

ڊوڙندي هن هڪ ٻہ دفعا ”چور چور“ بہ پڪاريو۔ پر بند ڪمرن ۾ مٺڙي ننڊ جا مزه وٺندڙ صاحبن جي ڪنن تي جٶن بہ نہ چُري۔

هن جو اندازو ٺيڪ نڪتو۔ پري کان ئي هن کي بنگلي جي ڇت تان پائيپ جي سھاري هڪ شخص لهندي نظر آيس۔

هن ٻئي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن نظرون ڦيرايون ۔ صحيح نظر نہ پئجي سگهيس  پر ڇت تي لڳل بوگن ويلا ول جي اوٽ ۾ ڪنهن جي لڪل هجڻ جو گمان ٿيس۔ 

همم۔ گڏ نہ پڪڙجي پون،  اھو ئي سوچي هڪ اتي بيهي رهيو هوندو۔ ۔ مان بہ ڏسان ٿو ڪيئن ٿا ڀڄي نڪرن ۔  هو دل ۾ سوچيندو، تيز ڊوڙندو اڳتي وڌيو۔ فرض شناسي جي جذبي ڄڻ کيس برقي رفتار ڏئي ڇڏي هئي۔

تون وڃ هتان ۔۔۔ جي گڏ پڪڙجي پيا سين تہ ڏاڍو برو ٿيندو۔۔ پائيپ تان لهندڙ مٿي بيٺل ساٿي کي  مخاطب ڪيو۔

ول جي پويان لڪل پاڇي ۾ ٿوري  بيچين حرڪت پيدا ٿي۔ پر هو اتي ئي بيٺو رهيو۔ ۔ شايد ساٿيءَ کي مصيبت ۾ ڇڏي وڃڻ ڏکيو پئي لڳس۔

چوڪيدار ویجھو پهچي چڪو هو۔۔۔ ڏٺائين تہ پائپ جي سھاري لهندڙ شخص جو منھن ڪاري ڪپڙي سان ويڙھيل هو۔

ڀڄڻ جي ڪوشش نہ ڪجو۔۔۔ هن سخت لهجي ۾ کين مخاطب ڪيو۔

پاٸپ تان لھندڙ شخص ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پنهنجي لهڻ جي رفتار وڌائي ڇڏي۔۔

هن جڏهن ڏٺو تہ منھنجي ڌمڪي جو اثر نہ پیو ٿئي تہ بندوق سڌي ڪري ان شخص جي سڄي ڄنگھ جو نشانو وٺندي ٽرگر دٻايائين۔۔۔

بندوق جو هلڪو کڙڪو ٿيو۔۔  يڪ دم پائيپ تان لهندڙ رڪجي ويو۔ ول جي پويان بہ مڪمل سڪوت ڇائنجي ويو۔  شايد هنن کي پهرين اهو اندازو نہ ھو تہ چوڪيدار وٽ بندوق آھي ۔ ۽ هو هلائيندي ديربہ نہ ڪندو۔

چوڪيدار هڪ پل حيران ٿي بندوق ڏانهن نهاريو۔۔۔
گولي نہ هلي هئي۔۔۔
هن هڪ ڀيرو وري  ٽرگر دبايو ۔ گولي وري بہ نہ ھلي۔۔۔۔
بندوق جام هئي ۔۔ 

پائيپ تان لهندڙ بہ هوشيار هو سمجهي ويو تہ بندوق جام آھي۔۔۔۔ ڄڻ وري جان ۾ جان اچي ويس ۽ هن پنهنجي لهڻ جي رفتار پهرين کان بہ تيز ڪري ڇڏي۔

چوڪيدار بندوق تي لعنت وجهي اڇلائي پاڻ اڳتي وڌيو۔

اهوشخص زمين جي ويجهو پهچي چڪو هو ۔ هن ٽپ ڏنو۔ چوڪيدار ڊوڙي ان کي پويان چيلھہ ۾ ٻک وڌو۔ پر هو چوڪيدارجي توقع کان وڌيڪ ڦڙتيلو نڪتو۔ گهڙيءَ ۾ هو چوڪيدار جي گرفت مان پاڻ ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔

چوڪيدار بہ ھار نہ مڃي۔ هڪ ڀيرو وري ان  کي پڪڙڻ جي  ڪوشش ڪيائين ۔ ان دوران هن چور چور  بہ پڪاريو۔ پر اچي ڪير ها؟ شديد گرمي کان بچڻ لاء ڪالوني جا سڀئي  صاحب تہ  ٿڌن  ڪمرن ۾ آرامي هئا۔

البتہ بوگن ويلا جي اوٽ ۾ لڪل پاڇي جي بيچيني ان جي چور چور پڪارڻ سان وڌندي پئي وئي۔

گهڙي پل  ۾ ان جي اها پڪار بند ٿي وئي۔ ان شخص پنهنجو پاڻ ڇڏائي پوري قوت سان کيس ڌ ڪو ڏنو۔ هو پنهنجو توازن برقرار رکي نہ سگھيو۽ منھن ڀر بنگلي جي ديوار سان ٽڪرائجي ڪريو۔

آھ ۔۔ ۔ بي اختيار ان جي زبان مان هڪ درد ڀري آھ نڪتي۔ پيشاني ۽ نڪ مان رت  نڪرڻ شروع ٿي ويس۔

هن جي ڪراھ ٻڌي بوگن ويلا جي پويان لڪل پاڇو بيچين ٿي ٻاهر نڪتو۔۔۔

چوڪيدار کي لڳي آھي۔۔۔ هيٺ بيٺل، ڇت تي بيٺل ساٿي  کي مخاطب ڪيو۔

اوھ۔۔ هاڻي ڇا ٿيندو۔۔۔ ؟ انڌيري ڇت تي بيٺل پاڇي جو گهٻرايل نسواني آواز چوڪيدار جي ڪنن سان ٽڪرايو۔۔۔ هن هڪ پل لاء مٿي ڏٺو۔ چاليھہ ورهين جي شخص لاء هاڻي صورتحال کي سمجهڻ ڏکيو نہ ھو۔۔

خبر ناهي۔ مان تہ وڃان ٿو۔۔۔۔ هيٺ بيٺل شخص وراڻيو۔۔۔۔۔
پرجي هن وات کوليو ۽ منهنجو نالو آيو ۔۔ تہ سٺو نہ ٿيندو توسان بہ۔۔۔۔۔ عجيب لهجي ۾ چئي هو ڊوڙندو ڪالوني جي ڀت ٽپي ويو۔۔۔۔

چوڪيدار کيسي مان رومال ڪڍي نڪ مان وهي آيل رت صاف ڪيو۔ پيشاني جي ڌڪ تي ساڳيو رومال ٻڌي ، ڪجھ دير گم سم ويٺو رهيو۽ پوء ڀت جو سهارو وٺي اٿيو۔ هڪ پل لاء اکيون کڻي مٿي ڏٺائين۔ پوءِ خاموشي ءَ سان ڪنڌ نوڙائي واپس گيٽ جي ٻاهران واري ڪوٺڙي طرف وڌي ويو۔۔۔۔

انڌيري ڇت تي بيٺل نسواني وجود ڪيتري ئي دير حيرت جو مجسمو بڻيو ان طرف ڏسندو رهيو جنهن طرف اهوشخص ويو هو۔۔۔

هن لاءِ۔۔۔۔ اهي آخري الفاظ  ۔۔۔۔ اهو لهجو۔۔ ڪيڏا نہ اجنبي هئا۔۔
تلخي، بي رخي، نفرت، دهمڪي۔۔۔  ان هڪ جملي ۾ ڇا نہ هو؟ ڪجھ دير پھرين بہ ڇت تي ساٿ نڀائڻ جا واعدا ڪندڙ جي حقیقت چند لمحن جي مصيبت ۾ پڌري ٿي پئي۔۔۔۔ بس اها ئي هئي محبت؟؟؟؟؟؟

ختم شده


Bạn đang đọc truyện trên: AzTruyen.Top